رکيل مورائي

رکيل مورائي

رکيل مورائي

رکيل مورائي: مشهور ليکڪ ۽ شاعر رکيل مورائيءَ جو پورو نالو الهرکيو ولد جاڙو خان سولنگي آهي. هن 9 اپريل 1965ع تي ڳوٺ حاجي مالڪ ڏني سولنگي، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. هو نوجوان ٽهيءَ جو پختو شاعر آهي. خاص ڪري غزل جي صنف تي سٺي دسترس رکي ٿو. سندس وايون به پختيون آهن. هن جي شاعريءَ ۾ هٿرادو تجنيس حرفي نه پر فطري رواني آهي. سندس شاعري ۽ مضمون سنڌ ۽ هند جي معروف رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. قومي تحريڪ سان به سندس وابستگي رهي آهي. هن شاعريءَ بابت ڪافي تنقيدي مضمون لکيا آهن ۽ سٺو نقاد آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ ’عوامي آواز ميگزن‘ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
سندس ادبي ۽ صحافتي پسمنظر هن ريت آهي:
گلزار پبليڪيشن موري جو سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت موري جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو ٻه ڀيرا جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر، ماهوار ساڃاهه جو جوائنٽ ايڊيٽر، ماهوار انٽرنيشنل لائنز جو ايڊيٽر، ماهوار سنڌ لائين ميگزين جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، ماهوار لهرون جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، ماهوار همرچو جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، ماهوار سنڌ رويو استاد بخاري نمبر ۽ عبدالغفار تبسم نمبر جو ايڊيٽر، روزاني برسات جو سب ايڊيٽر، روزاني ڪاوش مئگزين جو سب ايڊيٽر، دانش اڪيڊميءَ جو چـيـئرمئـن رهيـو آهـي، جنهن پـاران هـن چار ڪتاب شايع ڪرايا آهن. نقاد جي حيثيت ۾ ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکي چڪو آهي.
سندس مرتب ڪيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن:
(1) ڪوڙين ڪن سلام (ڀٽائيءَ کي منظوم ڀيٽا) ثقافت کاتو سنڌ 2008ع،
(2) ’ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس'>سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس‘ (جيرام داس دولترام: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي: 2009ع)،
(3) سنڌ جو سرمست (سچل سرمست بابت مقالن جي ترتيب: ثقافت کاتو سنڌ: 2009ع)،
(4) مان جي مُئس پنڌ ۾ (بينظير ڀٽو کي منطوم ڀيٽا: ثقافت کاتو سنڌ: 2010ع)
(5) سنڌي شاعريءَ جو وهائو تارو شاهه ڪريم (ثقافت کاتو سنڌ: 2012ع).
رکيل مورائيءَ کي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾: (1) رام پنجواڻي لٽرري اينڊ ڪلچرل سينٽر ممبئيءَ پاران سونو ٻلو/ اوارڊ، (2) ســنڌي ادبي سڀا پوني پاران ’نـوجــوان شـاعـر‘ اوارڊ، (3) سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ’سنڌ جو شاعر‘ اوارڊ، (4) سنڌ ڪلچرل ايسوسئيشن پاران ’بيسٽ پوئيٽ‘ اوارڊ، (5) سنڌ رويو پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ’مڃتا اوارڊ‘، (6) مورو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران ’مڃتا اوارڊ‘ وغيره.
رکيل مورائي سنڌي اديبن جي وفد سان ۽ اڪيلي سر 2001ع ۾ هندستان جي دهلي، آگري، ممبئي، پونا، لونا ولا، کنڊالا ۽ الهاس نگر ۽ 2007ع ۾ ممبئي، احمد آباد، اجمير، انڊور، اُجين ۽ دهليءَ جا سفر ڪيا ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي.


لفظ رکيل مورائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.04.09  عيسوي

مشهور ليکڪ ۽ شاعر رکيل مورائيءَ جو پورو نالو الهرکيو ولد جاڙو خان سولنگي آهي. هن 9 اپريل 1965ع تي ڳوٺ حاجي مالڪ ڏني سولنگي، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام رسول برهماڻي
سوامي پرمانند
ڀوَپوُتي
عادل سخيراڻي
ابراهيم منشي
حيدر شاهه سيد
حمايت علي شاعر
مير فيض محمد ٽالپر اول
رسول حمزه توف
احمد فراز
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون